شوبز

October 6, 2021 5:51 pm

مزاحيه ليجنڊ اداڪار عمر شريف جي جنازي نماز ادا، هزارين ماڻهن جي شرڪت

مزاحيه ليجنڊ اداڪار عمر شريف جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. عمر شريف جي جنازي نماز سيلاني ويلفيئر جي  علامه بشير فاروقي پڙهائي. مزاحيه اداڪار جي جنازي نماز ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، صوبائي وزير سعيد غني، مرتضيٰ وهاب، مصطفيٰ ڪمال، خرم شير زمان ۽ ٻين سياسي، سماجي اڳواڻن سميت شوبز شوبز سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ هزارين شهرين شرڪت ڪئي.

مرحوم کي حضرت عبدالله شاهه اصحابي جي مزار ڀرسان قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو مزاحيه اداڪار عمر شريف جي جنازي نماز 3 وڳي ادا ڪرڻي هئي پر مداحن جي عقيدت محبت جي اظهار ڪري جنازي نماز ۾ دير ٿي. جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ ايندڙن ۾ پاڻي ۽ فرسٽ ايڊ جو انتظام ڪيو ويو. مرحوم جي آخري رسمن جون سموريون ذميواريون سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ طرفان انجام ڏنيون ويون. پارڪ جي ٻاهران جنازي ۾ شرڪت جي لاءِ پارڪنگ جو خاص انتظام ڪيو ويو.

ايس ايس پي سائوٿ موجب ليجنڊ اداڪار عمر شريف جي جناز ينماز ۽ تدفين جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا. جنازي نماز واري هنڌ 200 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا. جنازي نماز ۽ تدفين جي موقعي تي پوليس طرفان 2 ايس پيز ۽  6 ايس ايڇ اوز کي مقرر ڪيو ويو.

وڌيڪ پڙهو: