پاڪستان

October 2, 2021 5:58 pm

مزاحيه اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي ملڪ جي سياسي اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار

 پاڪستان جي مشهور مزاحيه اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي ملڪ جي سياسي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو آهي. تفصيل موجب پاڪستاني مزاحيه ٿيٽر جي دنيا مٿان راج ڪندڙ فنڪار عمر شريف جرمني ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ان جي عمر 66 سال هئي ۽ هو ڪافي وقت کان دل جي بيماري سميت ڪيترين ئي ٻين بيمارين ۾ مبتلا هو. وزيراعظم عمران خان اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اداڪار عمر شريف ڪيترين ئي صلاحيتن جو مالڪ هو ۽ فنڪارن جي دنيا ۾ هڪ جو هڪ منفرد نالو هو.

فن جي شعبي ۾ ان جي خدمتن کي ڪافي وقت تائين ياد رکيو ويندو. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽ پکيڙيندڙ عمر شريف اڄ اسان وچ ۾ ناهي رهيو. قوم پنهنجي فنڪار کي بهترين خراج تحسين پيش ڪيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته اسان فن ۽ فنڪارن سان محبت ڪندڙ قوم آهيون.

هن چيو ته عمر شريف جو نالو سنهري اکرن سان لکيو ويندو. (ن) ليگ جي صدر ميان شهباز شريف ٽوئٽر تي لکيو ته سڀني کي کلائيندڙ اڄ سڀني کي روئاڙي ويو، عمر شريف سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ هو، سندس کوٽ ڪڏهن به پوري نٿي ٿي سگهي.  وفاقي وزير اسد عمر به ٽوئٽر تي لکيو آهي ته سڀني جي چپن تي مسڪراهٽ پکيڙيندڙ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ عمر شريف اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. رب پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي. پاڪستان ۾ مقرر جرمني جي سفير بين برڊ اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

جرمني جي سفير چيو ته عمر شريف جي اوچتو لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڏک ٿيو، ان جو لاڏاڻو پاڪستان ۽ شوبز انڊسٽري جي لاءِ افسوسناڪ نقصان آهي. چوڌري ڀائرن به عمر شريف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان سميت سموري دنيا  ۾  ڪاميڊي سان محبت ڪندڙ اڄ سٺي فنڪار کان محروم ٿي ويا.

سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل به عمر شريف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڀني جي چهرن تي خوشيون ڏيندڙ عمر شريف اڄ اسان کي اداس ڪري ويو، رب پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي.

وڌيڪ پڙهو: