وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جي مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي،انهن ۾ ڪابه وفاقي پارٽي ناهي.
ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته ڪا هڪ ڊويزن جي پارٽي آهي ته ڪا ٽن ڊويزنن جي، نه ڪوئي ليڊر، نه ڪو پروگرام.
هن چيو ته انهن پارٽين جي پاران ملڪ جي واحد وفاقي پارٽي جي خلاف تحريڪ خبرن ۾ زندهه رهڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي.
وفاقي وزير چيو ته واحد سياسي پارٽي پي ٽي آءِ آهي، جنهنجي قومي ايجنڊا آهي.
واضح رهي ته اپوزيشن پاران حڪومت خلاف لانگ مارچ جي اعلان کانپوءِ حڪومتي صفن ۾ پريشاني جي لهر ڇائنيجي وئي آهي..