پاڪستان

تازه خبرون

November 17, 2021 5:58 pm

متحده مخالف ڌر چونڊ ترميمي بل سميت ٻين بلن کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف اليڪشن ترميمي بل سميت ٻيا بل عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ مخالف ڌر جي اڳواڻ، جميعت علماءِ اسلام (ف) جي اسد محمود ۽ ٻين اڳواڻن پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته قانون سازي کي بلڊوز ڪيو ويو، هن ماحول ۾ قانون سازي نه ٿي ٿي سگهي، مخالف ڌر جي ووٽن کي گهٽ سمجهيو ويو، اپوزيشن به اعتراض ڪيو جنهن کي اهميت نه ڏني وئي.

هن چيو ته هن سموري روايت کي ٽوڙي ڇڏيو، مون ۽ بلاول اسپيڪر کي ڪافي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اصولن تي عمل ڪيو.

شهباز شريف چيو ته اسپيڪر ٻڌايو ته اسان جو انگ 200 کان مٿي هو، اسان جي نظر ۾ حڪومت جي ڳڻپ ۾ ٽي چار ووٽ وڌيڪ ڳڻيا ويا.

هن چيو ته حڪومت بدمعاشي ذريعي سمورن بلن کي بلڊوز ڪري ڇڏيو، مون اسپيڪر کي چيو ته توهان غلط استعمال ڪري رهيا آهيو، 167 مان رڳو 8 ملڪن ۾ اي وي ايم جو استعمال ٿي رهيو آهي.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل اجلاس جا پنهنجا اصول هوندا آهن، عام اجلاس کان علاوه مون پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کي قاعدن جي وضاحت ڏي، حڪومت اجلاس کٽي نه سگهي.

هن چيو ته ڪلب ڀوشن اين آر ڊبليو ۽ اليڪشن ترميمي بل سميت ٻين بلن کي هر فورم تي چئلينج ڪندو.

جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي اڳواڻ اسد محمود چيو آهي ته اسپيڪر جنهن انداز ۾ ايوان جي ڪارروائي هلائي ان جو ڪو مثال ناهي، اسپيڪر مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني.

ياد رهي ته پارليامينٽ اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ وڌيڪ ترميم جو بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو هو جڏهن ته مخالف ڌر پاران تجويز ڪيل ترميمن کي رد ڪيو ويو هو.

وڌيڪ پڙهو: