سنڌ ڪابينا تعليم کاتي کي ماهوار 60 هزار رپيا پگهار تي 15 سئو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي،
جڏهن ته ڪچري مان بجلي پيداوار ڪرڻ واري توانائي پاليسي 2021ع جي به منظوري ڏني وئي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران توانائي پاليسي 2021ع جي منظوري ڏيڻ سان گڏوگڏ تعليم کاتي کي 15 سئو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ڀرتي ڪرڻ جي به اجازت ڏني وئي.
توانائي واري وزير امتياز شيخ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪراچي جي 2 ڪروڙ آبادي آهي، سنڌ حڪومت ڌاٻيجي ڀرسان 3 هزار ايڪڙز لينڊ فل سائيٽ لاءِ مختص ڪئي آهي.
هن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو 10 هزار ٽن ڪچرو پيدا ٿئي ٿو، سکر ۾ 400 ٽن، لاڙڪاڻي ۾ 325 ٽن ڪچرو پيدا ٿيندو آهي، جنهن مان بجلي پيدا ڪئي ويندي.
پهرين فيز ۾ ڪراچي ۽ ٻَي فيز ۾ هي پاليسي ٻين شهرن ۾ شروع ڪئي ويندي، فيز ون ۾ 50 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي تجويز آهي، سنڌ ڪابينا ڊرافٽ سنڌ ويسٽ انرجي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ ڪابينا تعليم کاتي کي ماهوار 60 هزار رپيا پگهار تي 15 سئو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ڀرتي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، جيڪي ٽرانسفر نه ٿي سگهندا.
تعليم واري وزير سردار شاهه ڪابينا کي ڪاليج ٽيچنگ انٽرم پاليسي پيش ڪندي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سليڪشن جو طريقيڪار تمام گهڻو ڊگهو آهي، ريٽائرمينٽ رولز تحت 20 سيڪڙو ليڪچرار گريڊ 18، 19 ۽ 20 ۾ ڊائريڪٽر انڊڪٽ ٿين ٿا، جيڪي نه پيا ٿين.
اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته موجوده حڪومت ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي آهي، اها ڪڏهن ڪنهن ٻڌي به نه هوندي.
هن چيو ته پنجاب ۾ جيڪا رڪارڊ ڪڻڪ پيداوار ٿي، ٻڌايو وڃي ته اها ڪيڏانهن وئي، حڪومتي وزير ڪڻڪ اسمگلنگ ڪرڻ ۾ ملوث آهن.
سعيد غني چيو ته حڪومت اپوزيشن کي تنگ ڪرڻ ۽ جيلن ۾ وجهڻ لاءِ نيب کي استعمال ڪيو، نوان نوان آرڊيننس جاري ڪري آڱرين تي نچندڙ نيب چيئرمين کي ٻڌايو ويو ته سندس نوڪري اسان جي هٿ ۾ آهي، پاڪستان جا ماڻهو هڪ سليڪٽڊ نالائق ۽ نااهل حڪومت سبب مصيبت جو شڪار آهن..