پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪارو قانون مڙهڻ نه پر ماضيءَ جي ڪارنهن ڌوئڻ چاهيون ٿا
اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ايول ڊزائن کي دفن ڪري ڇڏيندي، وقت اچي ويو آهي ته شفاف نظام متعارف ڪرايو وڃي.
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومتي صفن ۾ ايڪو آهي، اتحادي اسان سان گڏ آهن،
ماضيءَ جون غلطيون ختم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪري رهيا آهيون..