پاڪستان

November 7, 2021 12:52 pm

ماشاءَ الله پاڪستان جي صورتحال دنيا جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي : وزير اعظم

وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرونا وائرس سبب لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي عام واهپي جي شين  جي قيمتن ۾ بي مثال اضافو ٿيو.

ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته  ماشاءَ الله پاڪستان جي صورتحال دنيا جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي.

وزيراعظم  ناڻي جي وزارت جي ترجمان  مزمل اسلم  جي معيشت ۾ بهتري جي دعوا جو حوالو ڏئي  رهيو هو.

مزمل اسلم بريفنگ ۾ دعوا ڪئي ته ايشيا ۾ پاڪستان جي  معيشت  سڀ  کان وڌيڪ ترقي  ڪري رهي آهي.

ترجمان  ٻڌايو ته سيپٽمبر کان آڪٽوبر تائين کاڌي جي شين  ۾ 3 ڏهائي 9 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته دنيا ۾ اها وڌ 3 ڏهائي 2 سيڪڙو رهي.

هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته  ايڪسپورٽ واپار 22 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: