اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مارگلا نيشنل پارڪ جي 8 هزار ايڪڙ زمين ملٽري ڊائريڪٽوريٽ کي ڏيڻ واري عمل کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو.
عدالت وفاقي حڪومت کي 2016 جي لينڊ مليٽري ڊائريڪٽوريٽ کي ڏيڻ جي نوٽيفڪيشن تي نظرثاني جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت منال ريسٽورنٽ جي درخواست واپس وٺڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي.
چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته وفاقي حڪومت ماحولياتي تبديلي بابت گهڻو ڪم ڪري پئي، پر نيشنل پارڪ بي يارومددگار آهي.
چيف جسٽس چيو ته هتي ڪابه قانون جي حڪمراني ناهي، وائلڊ لائيف مينيجمنٽ بورڊ جو ڪم آهي ته اهو نشاندهي ڪري، 8 هزار ايڪڙ انهن کي ڏنا ويا،جن کي اها ايراضي قانون ڏئي نٿو سگهي..