سنڌ

October 22, 2021 1:31 pm

مارچ تائين پوري پنجاب کي صحت ڪارڊ ملي ويندو : فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪي پي ڪي کانپوءِ  پنجاب جو هر خاندان 10 لک رپيا ساليانو صحت ڪارڊ جي ذريعي حاصل ڪندو، صحت، تعليم ۽ چئن  بنيادي شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو ريليف ڏئي رهيا آهيون.

ٽوئيٽ ڪندي  فواد چوڌري چيو ته صحت ڪارڊ واري گيم چينجر پروگرام جي ذريعي هاڻ ڪوالٽي علاج غريب ترين کان وچولي طبقي سان هر فرد لاءِ موجود هوندو.

فواد چوڌري چيو ته ڊسمبر کان  هي پروگرام شروع ڪيو ويندو ۽ مارچ تائين پوري پنجاب کي صحت ڪارڊ ملي ويندو.

وفاقي وزير چيو ته فيڪ نيوز جي حوالي سان قانون جو مسودو تيار ڪري وفاقي ڪابينا جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، بنيادي سياسي سڌارن کانسواءِ ملڪ اڳتي وڌي نٿو سگهي، ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن….

وڌيڪ پڙهو: