سنڌ

January 14, 2022 1:25 pm

لاڪ ڊائون بابت ڪو به فيصلو اين سي او سي جي هدايتن تي ڪيو ويندو : مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪرونا ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي پر  ان باوجودحالتون اڃا به ضابطي هيٺ آهن،

لاڪ ڊائون بابت ڪو به فيصلو اين سي او سي جي هدايتن تي ڪيو ويندو، ڪرونا ڪيسز ۾ واڌ باوجود اسپتالن تي به ايترو دٻاءُ ناهي.

ڊائو يونيورسٽي ۾ سيميوليشن سسٽم جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سيميوليشن سسٽم قائم ٿيڻ سان ميڊيڪل جي تعليم حاصل ڪندڙن کي بهتر سکيا ملندي،

سيميوليشن سسٽم ميڊيڪل جي اها تعليم آهي جنهن ذريعي مصنوعي مريض تي علاج جا طريقا استعال ڪيا ويندا آهن.

وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ ڪرونا ڪيسز ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي پر  ان باوجودحالتون اڃا به ضابطي هيٺ آهن،

لاڪ ڊائون بابت ڪو به فيصلو اين سي او سي جي هدايتن تي ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: