اهم خبرون

سنڌ

June 21, 2022 5:36 pm

لاڙڪاڻي سينٽرل جيل جي ٻيهر بحالي ۽ مرمت لاءِ مڪمل سروي ڪرڻ جو فيصلو

پهرين مرحلي ۾ بئرڪن جي مرمت ڪئي ويندي. سينٽرل جيل قيدين کان مڪمل طور خالي ڪرائڻ بعد آءِ جي جيلز قاضي نذير، ڊي آءِ جي جيلز ۽ ٻين سان گڏ پهچي تفصيلي دورو ڪيو، جنهن دوران جيل سپرنٽينڊنٽ پاران بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي سينٽرل جيل جي مرمت وارو ڪم فوري طور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ پهرين مرحلي ۾ بئرڪن جي ڇتن ۽ ڀتين جو ڪم ڪرايو ويندو.

آءِ جي جيلز جو چوڻ آهي ته جيل اندر گنجائش وڌائي هاڻي سهولتون به سينٽرل جيل واريون فراهم ڪيون وينديون

وڌيڪ پڙهو: