سنڌ هاءِ ڪورٽ، لاپتا ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ جديد ڊوائيسز ۽ جديد طريقيڪار اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻن هفتن اندر جي آءِ ٽي، پي ٽي ايف ۽ ٻين ادارن کان رپورٽس طلب ڪري ورتيون آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل بئنچ پاران لاپتا ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي.
ٻڌڻيءَ دوران سمير آفريدي نالي لاپتا شهري جي ماءُ عدالتي روسٽرم کي ٽڪرون هڻندي روئيندي رهي، عورت جو چوڻ هو ته پٽ کي سي ٽي ڊي وارا کڻي ويا هئا، عدالت پٽ کي بازياب نٿي ڪرائي ته مونکي ڦاهي ڏئي ڇڏي.
عدالت سي ٽي ڊي عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪيس جي جاچ ايس ايس پي رينڪ جي آفيسر حوالي ڪري ڇڏي.
عدالت چيو ته درخواستگذار پٽ جي گمشدگي تي سخت پريشان آهي، لاپتا ماڻهن جي بازيابيءَ لاءِ ماڊرن ڊوائيسز ۽ جديد طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي.
عدالت ٻن هفتن اندر جي آءِ ٽي، پي ٽي ايف ۽ ٻين ادارن کي نوٽيس جاري ڪندي رپورٽس طلب ڪري ورتيون آهن..