قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرز تي ٻڌل قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو،
عسڪري عملدارن پاران قومي سلامتي جي موجوده معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ اڄ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبرز تي ٻڌل قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿي رهيو آهي،
جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير، شهباز شريف، شاهه محمود قريشي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ اختر مينگل شرڪت ڪندا.
اجلاس ۾ پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ، قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف، علي امين گنڊاپور، شفقت محمود، اسد عمر، شبلي فراز، غوث بخش مهر، شيخ رشيد، پرويز خٽڪ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.
اجلاس دوران عسڪري عملدارن پاران قومي سلامتي جي موجوده معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي..