قمبر ڀرسان چانڊيا ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 5 ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، صورتحال تي ضابطي لاءِ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
ڳوٺ نصير چانڊيو ۾ چانڊيا ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ رات دير سان پراڻي تڪرار تان جيهڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا،
فائرنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ پوليس اهلڪار سميت 5 زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
مارجي ويلن ۾ صابر چانڊيو، خالد چانڊيو، ڀورل بروهي، نادر بروهي ۽ عالم بروهي شامل آهن.
پوليس مقتولن جا مڙهه لاڙڪاڻي ۽ قمبر جي اسپتالن مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
واقعي کانپوءِ ٻنهي تڪراري ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي، وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جي خدشي سبب علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي.
وارهه پوليس جو چوڻ آهي ته بروهي برادري جي ماڻهن موٽرسائيڪل ڦر ٿيڻ جو اطلاع ڏنو، جنهن بعد پهچي متاثر ڌر سان گڏجي پيرا کنيا، ان دوران ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي ويو، جنهن ۾ هڪ اهلڪار امداد چانڊيو به زخمي..