سائنس ٽيڪنالاجي

October 5, 2021 4:51 pm

فيس بڪ جي بندش سان مارڪ زڪر برگ کي ڇهه ارب ڊالرز کان وڌيڪ جو نقصان

سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشنز جي ڪجهه ڪلاڪن جي بندش کان پوءِ فيس بڪ جي چيف ايگزيڪٽو مارڪ زڪر برگ جي ذاتي ملڪيت ۾ 6 بلين ڊالرز کان وڌيڪ جي گهٽتائي اچي وئي آهي.

بلوم برگ جي هڪ رپورٽ موجب ڪجهه ڪلاڪن جي دوران اثاثن ۾ 6 بلين ڊالرز جي گهٽتائي کان پوءِ مارڪ زڪربرگ دنيا جي امير ترين ماڻهن جي فهرست ۾ هڪ درجو هيٺ اچي ويو آهي. رپورٽ موجب گذريل ڏينهن اسٽاڪ سلائيڊ تي مارڪ زڪر برگ جي اثاثن جي ماليت 121.6 کان گهٽ ڏسڻ ۾ آئي جنهن کي نظر ۾ رکندي مارڪ زڪر برگ بلوم برگ بلينرز انڊيڪس ۾ مائيڪرو سوفٽ جي شريڪ باني بل گيٽس کان هيٺين درجي 5 تي اچي ويو آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن سڄي دنيا ۾ مذڪوره سوشل ميڊيا ايپلي ڪيشنز جي سروس پاڪستاني وقت موجب تقريبن رات جو ساڍي 8 وڳي متاثر هئي ۽ صرف ٽوئٽر سماجي رابطن جي ويب سائٽ هئي جيڪا بحال رهي ان ڪري صارفين ٽوئٽر تي ئي پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪندا رهيا.

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فيس بڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام جي سروس ڪيترن ئي ڪلاڪن جي بندش کان پوءِ بحال ٿي ويون. فيس بڪ ۽ واٽس ايپ واضح طور تي ايپلي ڪيشنز جي بندش جو ڪوبه سبب ناهي ٻڌايو پر ماهرن طرفان مختلف سبب ٻڌايا پيا وڃن.

وڌيڪ پڙهو: