سپريم ڪورٽ چيو آهي ته وزيراعظم پيڪيج تحت فوتي ڪوٽا تي نوڪري وٺندڙ اهي ٻار اهل هوندا جنهن جو پيءُ 2005 کان پوءِ فوت ٿيو هجي.
رپورٽ موجب چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فاضل بينچ نوڪري دوران فوت ٿي ويندڙ سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي نوڪري ڏيڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ سراج محمد چيو ته مون پنهنجي پيءُ جي جڳهه ڀرتي ٿيڻ جي درخواست ڏني جيڪا وفاقي تعليم واري وزارت رد ڪري ڇڏي. پشاور هاءِ ڪورٽ مون کي ڀرتي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سراج محمد جو پيءُ لعل محمد سال 2000 ۾ سروس دوران فوت ٿي ويو هو. وزيراعظم جو پيڪيج 2005 کان پوءِ لاڳو ٿئي ٿو.
جسٽس مظهر عالم ميان خيل ريمارڪس ڏنا ته شروعاتي طور تي اهو قانون پوليس ۽ ٻين شهيدن جي لاءِ هو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته گهٽ آمدني وارن ملازمن جي لاءِ قانون ٺاهيو هو پر ان ۾ ڀرتي آفيسرن جا ٻار ٿيندا آهن. اي ايس آءِ جو پٽ چوندو آهي ته مون کي ڊائريڪٽ ڊي ايس پي ڀرتي ڪريو، پيءُ جي جڳهه پٽ کي نوڪري ڏيڻ جو قانون ئي عجيب وغريب آهي. سرڪاري آفيسون ورهاست ۾ ملندڙ شيون ته ناهن. اهڙي طرح نوڪريون ڏيڻ سان ميرٽ جو مڪمل خاتمو ٿيندو آهي. ائين نٿو ٿي سگهي ته پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ پٽ کي ڀرتي ڪيو وڃي.
سپريم ڪورٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته سرڪاري نوڪري جا اهل اهي ٻار هوندا جنهن جو پيءُ 2005 کان پوءِ فوت ٿيو هجي. 2005 کان اڳ فوت ٿي ويندڙ سرڪاري ملازمن جي ٻارن مٿان وزيراعظم پيڪيج لاڳو نٿو ٿئي.