فهميده سيال قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار غلام شهيد اسراڻ خلاف وڌيڪ هڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي،
مقتولا جي ڏير غلام تقي سيال الزام هنيو آهي ته ايم پي اي گهنور اسراڻ کي مليل اسڪواڊ واقعي واري ڏينهن سندس ڀاڻيجي نوجوان محمد حسن سيال کي غلام شهيد اسراڻ جي بنگلي تي کڻي ويو،
جتي کيس ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو،
قمبر جي ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ گهر تي فائرنگ دوران مارجي ويل عورت فهميدا سيال جي ڏير غلام تقي سيال چيو آهي ته پ پ ايم پي اي گهنور اسراڻ کي مليل اسڪواڊ ۽ پوليس موبائل ڏوهن لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن.
هن چيو ته فهميدا سيال جي قتل واري ڏينهن اسڪواڊ نوجوان محمد حسن سيال کي غلام شهيد اسراڻ جي بنگلي تي کڻي ويو، جتي کيس ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو،
هن چيو ته نوجوان کان موٽرسائيڪل پڻ ڦر ڪئي وئي، جيڪو ظلم آهي، آءِ جي سنڌ کي اپيل آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي..