قمبر ڀرسان ڳوٺ خيرپور جوسو ۾ پلاٽ جي تڪرار تان گهر تي فائرنگ ڪري قتل ڪيل عورت فهميده سيال جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو،
سيال برادري ايس ايس پي قمبر کي ايم پي اي گهنور اسراڻ جو ڪمدار قرار ڏيندي اختيارين کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.
مقتولا فهميدا سيال جي وارثن غلام تقي سيال، غلام سرور سيال ۽ ٻين ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار غلام شهيد اسراڻ جي گرفتاري لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو.
سيال برادري چيو ته ضمانت رد ٿيڻ باوجود ڪيس ۾ گهربل مک جوابدار پوليس پروٽوڪول ۾ گهمي رهيو آهي، ايس ايس پي قمبر، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او پکو ايم پي اي جي ڪمداري ڪري رهيا آهن.
هنن چيو ته پکو پوليس رمانڊ ورتل 4 جوابدارن کان به جاچ نه ڪري رهي آهي ۽ هيل تائين حملي ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ناهن ڪيا ويا.
سيال برادري اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته فهميدا سيال جي قاتلن کي سزا ڏياري انصاف ڪيو وڃي..