سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته فهميدا سيال جو قتل ڪيس قمبر پوليس خلاف داخل ٿيڻ گهرجي، متاثر ڌر تي زور ڀريو آهي ته ڪابه راڄوڻي نه ڪري، مقتولا جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڦير ڦار ڪئي وئي ته ڊاڪٽرن جو گهيراءُ ڪيو ويندو، متاثرن کي هر صورت انصاف ڏياريو ويندو
حليم عادل شيخ ۽ ام رباب چانڊيو خيرپور جوسو ڳوٺ پهچي قتل ٿيل عورت فهميدا سيال جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي حليم عادل شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڏکوئيندڙ واقعي ۾ ايس ايس پي قمبر، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او پکو ملوث آهن، قتل جي ايف آءِ آر انهن عملدارن خلاف داخل ٿيڻ گهرجي.
حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ پوليس مظلومن جو ساٿ ڏيڻ بدران وڏيرن جي ڪمداري ڪري رهي آهي، کيس وزيراعظم ۽ گورنر متاثر ڌر سان انصاف لاءِ موڪليو آهي، هو کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪندس.
پي ٽي آءِ اڳواڻ الزام هنيو ته ته سنڌ اسيمبلي ۾ 6 کان 7 ميمبر قاتل آهن ۽ وڏو وزير انهن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي.
حليم عادل شيخ چيو ته ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته بلاول لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي ۽ قمبر واقعي جي متاثرن وٽ تعزيت لاءِ نه آيو، هي به شهيد بينظير جا ووٽر آهن..