بين الاقوامي

June 17, 2022 4:14 pm

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس  گري لسٽ  ۾شامل  ملڪن  جي اسٽيٽس  جو اعلان اڄ ڪندو

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس  گري لسٽ  ۾شامل  ملڪن  جي اسٽيٽس  جو اعلان اڄ ڪندو، جنهن ۾ پاڪستان گري لسٽ مان نڪرڻ لاءِ پراميد آهي.

جرمني جي گادي واري شهر ۾ جاري ايف اي ٽي اي اجلاس جو اڄ آخري ڏينهن آهي، جنهن ۾ اجلاس جي پڄاڻي تي اسٽيٽس جو اعلان ڪيو ويندو.

وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل هڪ عملدارن  چيو ته هينئر تائين مليل اطلاعن مطابق  هن ڀيري معاملو پاڪستان جي حق ۾ ويندو.

هن چيو ته  پاڪستان کي جيڪڏهن گري لسٽ مان ڪڍيو وڃي ٿو، ان جي باوجود معاملا طئي  ٿيڻ ۾ وقت لڳندو، ان ۾ ستن کان اٺ مهينا لڳي سگهن ٿا.

ترجمان  وڌيڪ چيو ته ايف اي ٽي ايف جي ٽيم  کي رهجي ويل ٻن سفارشن ۾ قانون ۾ ترميم سان گڏ  ان کي لاڳو ڪرڻ بابت خدشا آهن، جن جو ڪيترائي ڀيرا اظهار به ڪيو ويوآهي.

پاڪستان، فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي 34 ئي شرطن تي عمل ڪري ڇڏيو،پرڏيهي کاتي جي مملڪتي وزير حنا رباني کر جرمني جي گادي واري هنڌ برلن ۾ اهم ملاقاتون ڪيون ۽ اميد ظاهر ڪئي ته فيصلو پاڪستان جي حق ۾ ايندو.

وڌيڪ پڙهو: