بين الاقوامي

November 13, 2021 7:26 pm

فضائي آلودگي: نئين دهلي ۾ ٻن ڏينهن جي لاڪ ڊائون جي تجويز

ڀارتي سپريم ڪورٽ نئين دهلي ۾ وڌندڙ فضائي آلودگي کي روڪڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي لاڪ ڊائون جي تجويز ڏني آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت نئين دهلي جي فضائي آلودگي بابت مرڪزي حڪومت کان هنگامي پلان طلب ڪري ورتو.

ڀارتي چيف جسٽس اين وي رمانا رمارڪس ڏيندي چيو ته نئين دهلي ۽ ان جا ڀرپاسي وارا شهر هڪ هفتي کان سموگ جي لپيٽ ۾ آهن، توهان ڏسو ته صورتحال ڪيتري خراب آهي، اسان کي گهرن ۾ به ماسڪ استعمال ڪرڻ گهرجن، ايمرجنسي پلان ترجيحي بنيادن تي ٺاهيو.

ڀارتي چيف جسٽس نئين دهلي جي رياست ۽ مرڪزي حڪومت جي درخواست جي جواب ۾ چيو ته اختيارين ٻڌايو هو ته ايمرجنسي اپاءَ وٺڻ جا ڪهڙا منصوبا آهن، ٻن ڏينهن جو لاڪ ڊائون ڪيو وڃي. هوا جي معيار جي انڊيڪس کي بهتر ڪرڻ لاءِ حڪومت جو ڪهڙو منصوبو آهي؟

ڀارتي ميڊيا موجب رياستي حڪومت عدالت ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ اعتراف ڪيو آهي ته نئين دهلي جي فضا ۾ ساهه کڻڻ هڪ ڏينهن ۾ 20 سگريٽ نوشي ڪرڻ برابر آهي پر اسان صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ تيار آهيون.

عدالت رياستي حڪومت کان پڇاڻو ڪيو ته نئين دهلي ۾ آلودگي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڇا ڪيو پيو وڃي. حڪومت کي ان حوالي سان فوري طور تي پنهنجي پلان جو اعلان ڪرڻ گهرجي.

وڌيڪ پڙهو: