پاڪستان

November 4, 2021 2:06 pm

غريب ته ڇا وچولو طبقو به مهانگائي ۾ پسيجي ويو

ن ليگ جي ترجمان  مريم اورنگزيب چيو آهي ته ن ليگ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو نه ڪيو آهي،

ن ليگ صدر شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪندي ، شهباز شريف اجلاس ۾ پارٽي جو موقف پيش ڪندو،

ن ليگ پهريان به ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندي رهي آهي.

نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم پنهنجن پراڻن  واعدن جي باري ۾ ٻڌائي.

هن چيو ته  اهڙي ڪهڙي حڪومت هوندي آهي، جيڪا ٽن سالن کانپوءِ عوام کي ريليف ڏيندي آهي.

مريم اورنگزيب چيو ته  وزير اعظم پاڻ چيو ته پيٽروليم جي شين جي اگهن ۾ واڌ ۽ گيس جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿيندي.

ن ليگ ترجمان چيو ته  غريب ته ڇا وچولو طبقو به مهانگائي ۾ پسيجي ويو آهي..

وڌيڪ پڙهو: