شوبز

October 12, 2021 5:08 pm

عورت ٽڪ ٽاڪر ڪيس: جوابدار ريمبو جا وڌيڪ ٽي ساٿي گرفتار

پوليس عورت ٽڪ ٽاڪر ڪيس ۾ وڌيڪ 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب گرفتار ڪيل ٽئي ڄڻا گرفتار جوابدار ريمبو جا دوست آهن جن جي گرفتاري کان پوءِ گرفتار ڪيل جوابدارن جو انگ 11 ٿي ويو آهي. واضح رهي ته اقبال پارڪ واقعي جي متاثر عورت عائشه اڪرم بيان ڏنو هو ته گريٽر اقبال پارڪ واقعو ان جي ئي ساٿي ريمبو سبب پيش آيو.

واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ مينار پاڪستان تي ڪيترن ئي ماڻهن طرفان عورت ٽڪ ٽاڪر کي حراسان ڪرڻ بابت ڪيس ۾ نئين اڳڀرائي سامهون آئي هئي.

وڌيڪ پڙهو: