ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف وزيراعظم عمران خان جو ريليف پيڪيج رد ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف چيو ته حڪمران عوام جي ڪنڌ تي ڇري هلائي چون ٿا ته ريليف پيڪيج ڏئي رهيا آهيون.
شهباز شريف چيو ته موجوده حڪومت جا واعدا به بجيٽ جيان هٿ ٺوڪيا آهن، ريليف پيڪيج به ڪوڙ تي ٻڌل آهي.
هن سوال ڪيو ته ڇا بجيٽ جو اعلان ڪندي نه چيو ويو هو ته هي ٽيڪس فري آهي؟.
شهباز شريف چيو ته وزير اعظم پاران قوم کي خطاب دوران پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ويو،جڏهن پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيندو، بجلي ۽ گيس جي قيمت وڌندي ته مهانگائي ڪيئن نه ٿيندي؟