پاڪستان

December 30, 2021 2:42 pm

عمران صاحب جو هر الزام  پاڪستان ۽ برطانيا جي هر عدالت ۾ ڪوڙ ثابت ٿيو : مريم اورنگزيب

ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب لاهور ميٽرول سستو ترين منصوبو هجڻ واري حڪومتي اعتراف بابت چيو آهي ته عمران صاحب جڏهن ڳالهائيندو آهي ته ڪوڙ ئي ڳالهائيندو آهي،

ڪوڙ جوسفر جيڪو ڪنٽينر کان شروع ٿيو، اڄ تائين جاري آهي، عمران صاحب جو هر الزام  پاڪستان ۽ برطانيا جي هر عدالت ۾ ڪوڙ ثابت ٿيو.

جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ لاهور ميٽرو جو سستو ترين هجڻ جو حڪومتي اعتراف عمران صاحب هر ڀيري جيان ڪوڙو ثابت ٿيو.

هن چيو ته شهباز شريف جي هر منصوبي کي عمران صاحب ڪوڙ ڳالهائي تڪراري بڻايو.

مريم اورنگزيب چيو ته هر ان منصوبي کي تڪراري بڻايو، جنهن مان عوام کي ريليف ملي رهيو  آهي..

وڌيڪ پڙهو: