ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزا شهباز پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب توهان جو تڪليف پيڪيج عوام کي گهڻو مهانگو پئجي رهيو آهي.
هن چيو ته عمران صاحب ۽ عمران صاحب جو هر اعلان صرف ڪوڙ، فراڊ ۽ ڌوڪو هوندو آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب ڇا توهان کي عوام سان ڪوڙ ڳالهائي شرم به نٿو اچي؟،عمران صاحب الله جو واسطو آهي، عوام تي رحم ڪريو.
هن چيو ته ريليف پيڪيج کانپوءِ کنڊ 150 رپيا ڪلوگرام، پيٽرول 146 رپيا ليٽر عوام تي ظلم آهي.
ترجمان چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته توهان جو ريليف پيڪيج پنهنجن اي ٽي ايمز، مافيا ۽ ڪارٽلز لاءِ ريليف ۽ عوام لاءِ صرف تڪليف آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب توهان عوام کي ڪو به ريليف ڏئي نٿا سگهو، الله جو واسطو اٿو، عوام کي پنهنجي استعيفا ڏئي ڇڏيو.
هن چيو ته عمران صاحب عوام لاءِ تڪليف ۽ مافيا لاءِ ريليف فراهم ڪرڻ جون حدون پار ڪري ويو آهي.
ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز ، وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو ته عمران خان نوٽيس وٺڻ ڇڏي ڏئي،ان جي نوٽيس کانپوءِ هر شيءِ جي قيمت وڌي ڪري ٻيڻي ٿي ويندي آهي.
لاهور ۾ احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته مهانگائي کان عوام پريشان ٿي ويو آهي.
هن چيو ته عمران خان مهانگائي تي خطي جا مثال ڏئي رهيو آهي،هو هر خطاب ۾ غلط بياني کان ڪم وٺي ٿو.
حمزا شهباز چيو ته عمران خان انا جي جبل تان لهي عوام جو ڏک محسوس ڪري..