وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت جا ساڍا 3 سال مڪمل ٿي چڪا آهن،عمران خان ڪيڏانهن نه پيو وڃي، انشاءَ الله 5 سال پورا ڪندو،عمران خان کي نااهل مخالف ڌر ملي آهي، جنهن مان کيس ڪوبه خطرو ناهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف رٿابندي تحت لنڊن ويو، کيس روئڻ جي ضرورت ناهي.
هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ملڪ اندر مهانگائي آهي،رڳو پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ تيل جا اگهه وڌيا آهن.
شيخ رشيد چيو ته مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين،عمران خان جي هدايت تي ڊاڪٽر قدير جي سرڪاري اعزاز سان تدفين ڪئي وئي..