پاڪستان

تازه خبرون

November 16, 2021 2:51 pm

عمران خان کي اقتدار ۾ آڻيندڙ هاڻ اعتراف ڪري رهيا آهن، ته انهن کان غلطي ٿي وئي : آصف علي زرداري

اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان کي اقتدار ۾ آڻيندڙ هاڻ اعتراف ڪري رهيا آهن، ته انهن کان غلطي ٿي وئي،عمران خان کي آڻيندڙ ان غلطي کي ڪيئن درست ڪندا، هي الله تعاليٰ کي خبر آهي.

اسلام آباد احتساب عدالت ۾ پيشي دوران ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته عمران خان جي حڪومت مدو پورو نه ڪندي.

هن چيو ته گلگت بلتستان جي رٽائرڊ جج وارو معاملو اسان سان گهڻو اڳ پيش آيو، جسٽس رٽائرڊ قيوم  وٽ ته ان وقت جي نيب جي چيئرمين سميت ڪيترن ماڻهن جا ٽيپس هئا.

ان کان اڳ اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي صدر آصف زرداري  جي آمريڪا ۾ پراپرٽي ڪيس ۾  گرفتاري کان اڳ منظور ڪيل ضمانت جي منظوري ڏئي ڇڏي،عدالت 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

آصف زرداري وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو، وڪيل دليل ڏنا ته  نيب ترميمي آرڊيننس  کانپوءِ  احتساب عدالت کي ضمانت ڏيڻ جو اختيار آهي.

عدالت درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

وڌيڪ پڙهو: