پاڪستان

November 1, 2021 11:14 am

عمران خان پاڻ ۽ ڪابينا کي اين آر او ڏئي ڇڏيو

مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ڪرپشن ڪيسز ۾ پاڻ کي اين آر او ڏيڻ لاءِ نيب ترميمي آرڊيننس آندو،

ڇوته حڪومت سمجهي پئي ته ايندڙ وقت انهن لاءِ خطرناڪ آهي، ان ڪري عمران خان پاڻ ۽ ڪابينا کي اين آر او ڏئي ڇڏيو آهي.

ڊيرا غازي خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته حڪومت اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ ۾ ڪابه ڪسر ناهي ڇڏي،

ايندڙ ڏينهن  ۾ حڪومت کي ڪوبه موقعو نه ڏينداسين، پيپلز پارٽي کي اتحاد ۾ ٻيهر شامل ڪرڻ جو فيصلو پي ڊي ايم ڪري سگهي ٿي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اپوزيشن ليڊر بابت بيان تي شهباز شريف چيو ته سياست ۾ هڪ دائري اندر رهي هر شيءِ ممڪن آهي،

پارليامينٽ ۾ پ پ ۽ اي اين پي سان رابطو رهندو آهي ۽ اهي سهڪار ڪندا آهن..

وڌيڪ پڙهو: