اهم خبرون

پاڪستان

June 21, 2022 8:10 pm

عمران خان نيب قانون ۾ ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ۾ نيوز ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو آهي ته شهباز شريف ۽ سندس ڪٽنب تي 24 ارب رپين جي ڪرپشن جا ڪيس آهن، آصف زرداري ۽ شهباز شريف جا اربين رپين جا جعلي اڪائونٽ سامهون آيا، نيب قانون ۾ ترميم ڪري شهباز ۽ زرداري فيملي کي اين آر او ٽو ڏنو ويو آهي.

هن چيو ته نيب قانون ۾ ترميم ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي توهين آهي، ڪرپٽ ٽولي کي جيل ۾ وجهڻ گهرجي، اميد آهي ته اعليٰ عدليه نيب قانون ۾ ترميم جو نوٽيس وٺندي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جعلي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندڙ پيسا ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا به هاڻي نيب کي ثابت ڪرڻا پوندا.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حڪومت نيب قانون ۾ ترميم ڪئي آهي، نيب ترميمن کي هلندڙ هفتي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

هن چيو ته مني لانڊرنگ جا ڪيس نيب مان ڪڍي ايف آءِ اي حوالي ڪيا ويا آهن، جعلي اڪائونٽ ۾ ايندڙ پيسو هاڻي جوابدار کي نه پر نيب کي ثابت ڪرڻو پوندو.

عمران خان چيو ته  جيستائين طاقتور قانون هيٺ نه ايندو تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو، اميد آهي عدالتون انصاف ڪنديون.

وڌيڪ پڙهو: