سنڌ

March 28, 2022 8:55 pm

عمران خان ملڪ کي ايترن بحرانن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي, سعيد غني

سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته عمران خان ملڪ کي ايترن بحرانن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي جو انهن  مسئلن مان جلد نڪرڻ ايترو آسان ناهي، پيپلز پارٽي ميثاق جمهوريت جي ڳالهه ڪئي پر عمران خان ان سوچ کي رد ڪري “نهين ڇوڙون گا” وارو راڳ ڳايو، جيڪڏهن ملڪ جي ڊائريڪشن ٺيڪ ٿي ته عالمي اڪيلائپ مان به نڪري وينداسين ۽ معاشي مسئلا به حل ٿي ويندا .

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ٿيون آهن هنن ڪا به وزارت ناهي گهري .

 

 

 

 

وڌيڪ پڙهو: