ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ووٽ چوري جي عمران صاحب جي ايجنڊا کي قومي ايجنڊا سڏڻ ڌوڪو، فراڊ ۽ ڪوڙ جي انتها آهي،
عوام کي حڪومت جي چونڊ ايجنڊا نه پر استعيفا گهرجي.
جاري ڪيل بيان ۾مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ملڪ جي قومي ايجنڊا کي تڪراري بڻايو آهي.
هن چيو ته عمران صاحب کانسواءِ سموريون سياسي پارٽيون چونڊ سڌارا چاهين ٿيون، حڪمران صرف اليڪشن چوري چاهين ٿا.
بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ڊسڪا اليڪشن جي رپورٽ مطابق عمران صاحب اليڪشن چور آهي.
هن چيو ته ڊسڪا اليڪشن رپورٽ کانپوءِ حڪمرانن جي اليڪشن جي شفافيت ۽ چونڊ سڌارن بابت سموري ملڪ کي خبر پئجي وئي آهي.
ن ليگ ترجمان چيو ته حڪومت جا پارليامينٽ ۾ نمبر پورا نه ٿيا ته سياسي پارٽيون ياد اچي ويون،جڏهن اتحادي ۽ پي ٽي آءِ جي پنهنجن ميمبرن بي اعتمادي ظاهر ڪئي ته سياسي نظام جي ڪاميابي ياد اچي وئي..