تازه خبرون

May 14, 2022 6:07 pm

عمران خان جي هر جلسي ۾ ڪي پي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر استعمال ٿئي پيو،مريم اورنگزيب

اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي هر جلسي ۾ ڪي پي حڪومت جو هيلي ڪاپٽر استعمال ٿئي پيو، عمران خان ڪهڙي حيثيت سان سرڪاري هيلي ڪاپٽر استعمال ڪري رهيو آهي، سرڪاري وسيلا استعمال ڪري ادارن لاءِ گُٿا لفظ استعمال ڪيا پيا وڃن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ٽَي کان 12 اپريل تائين ڪرپٽ ٽولي آئين ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو، پي ٽي آءِ ملڪ اندر ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، خوني مارچ جو سڏ ڏنو ويو ته گهرو وزير جي حيثيت سان راڻا ثناءُ الله جي ذميواري آهي ته عوام جي حفاظت جو بندوبست ڪري.

هن چيو ته اڄ مهانگائيءَ جو ذميوار عمران خان آهي، هُن کي جواب ڏيڻو آهي، سوال ڪرڻو ناهي، آءِ ايم ايف سي معاهدو عمران خان ڪري ويو، غير قانوني سبسڊي ڏني وئي، هِنن جي اقتدار ڇڏڻ وقت به مهانگائيءَ جي شرح 13 سيڪڙو هئي.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته نااهل ۽ نالائق ماڻهو 4 سال اقتدار سان چنبڙيل رهيا، عمران خان آئين ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪيو، نيب کي استعمال ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو.

اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران خان چئي پيو اچان پيو، تحريڪ انصاف کي ڪنهن به جلسو ڪرڻ کان ناهي روڪيو، مسيحي برادري جي حقن جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي.

وڌيڪ پڙهو: