مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم عمران خان جي ميچ ڏسڻ دوران ورتل تصوير تي سخت تنقيد ڪئي آهي. مريم نواز طرفان گذريل ڏينهن عمران خان جي سعودي عرب ۾ وزيرن سان گڏ ميچ ڏسڻ جي تصوير شيئر ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ مريم نواز ان تصوير تي پنهنجو تبصرو به پيش ڪيو.
هن لکيو ته ملڪ ۾ عوام بک، مهانگائي ۽ نااهلي سبب مري رهي آهي ۽ هنن کي ڏسو هي مزي سان ويهي ميچ ڏسي رهيا آهن. مريم نواز پنهنجي ٽوئٽ ۾ وڌيڪ چيو ته بي ضميري ۽ بي حسي جو جيڪڏهن چهرو هجي ها ته اهڙو هجي ها.
ياد رهي ته عمران خان گذريل شام پاڪ ڀارت مقابلو پنهنجي وفاقي وزيرن ۽ صلاحڪارن سان گڏجي سعودي عرب ۾ ڏٺو هو.