سنڌ

May 19, 2022 3:25 pm

عمران خان جي حڪمرانيءَ جو انداز آمراڻو، گڏيل سوچ ۽ ڊگهي نظر کان خالي آهي,ناصر حسين شاهه

مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عمران خان جي حڪمرانيءَ جو انداز آمراڻو، گڏيل سوچ ۽ ڊگهي نظر کان خالي آهي.

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ناصر حسين شاهه چيو ته عمران نيازيءَ کي حڪومت ڏياري وئي ته ملڪ معاشي طور تي ڪمزور نه هو پر هاڻي سندس پنهنجي ايف بي آر چيئرمين ملڪ کي ڏيوالپڻي جي حالت تائين پهچڻ جو ذڪر ڪيو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته عمران حڪومت معيشت سنڀالڻ ۽ هلائڻ ۾ ناڪام وئي.

هن چيو ته عمران جا وزير رڳو مخالفن جي ڪردار ڪشي ۾ مصروف رهيا، حڪومت وڃڻ جو انتقام آئيني بحران پيدا ڪري رياست کان ورتو ويو.

ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته ملڪ جو صدر رياست جو سربراهه ٿيڻ بدران اپوزيشن ليڊر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هاڻي اتحادي حڪومت آئيني ۽ معاشي سڌارن بعد چونڊون ڪرائيندي.

وڌيڪ پڙهو: