پاڪستان

تازه خبرون

October 23, 2021 5:18 pm

عمران خان اڄ نئين دهلي ۾ جلسو ڪري ته اهو مودي کان وڏو هوندو: فواد چوڌري

سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڀارت ۾ به تمام گهڻو مشهور آهي هو جيڪڏهن اڄ نئين دهلي ۾ جلسو ڪندو ته اهو مودي کان وڏو هوندو.

دبئي ۾ پريس ڪانفرنس دوران فواد چوڌري چيو ته اسان افغانستان ۾ امن استحڪام جا خواهشمند آهيون. افغانستان ۾ امن نه ٿيو ته پاڪستان جي لاءِ مسئلا پيدا ٿيندا. افغانستان جي بجيٽ جو 70 سيڪڙو حصو پرڏيهي امداد تي آهي. پاڪستان افغانستان کي سهارو ڏئي رهيو آهي.

افغانستان ۾ اشرف غني کان علاوه سڀني کي خبر هئي ته هو هاڻ وڃڻ وارو آهي. پاڙيسري ملڪن سان ملي افغان حڪومت کي مڃينداسين. طالبان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. هو ٻين گروپن کي به حڪومت ۾ شامل ڪندو.

فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ڀارت سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ڀارت ۾ مسلمانن جي دشمن حڪومت آهي. مودي طرفان پاڪستان کي هر جڳهه تي نشانو بنايو ويو آهي. عمران خان ڀارت ۾ به مشهور آهي. عمران خان اڄ نئين دهلي ۾ جلسو ڪري ته اهو جلسو مودي جي جلسي کان به وڏو هوندو.

پاڪ ڀارت ميچ جي حوالي سان فواد چوڌري چيو ته آچر جي ڏينهن وڏو ميچ ٿي رهيو آهي. پاڪستاني ٽيم ميچ کٽڻ لاءِ پرجوش آهي.

وڌيڪ پڙهو: