اهم خبرون

سنڌ

April 23, 2022 8:15 pm

عمران خان اقتدار کان ٻاهر ٿيڻ بعد حواس وڃائي ويٺو آهي ۽ آئيني ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي،سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان اقتدار کان ٻاهر ٿيڻ بعد حواس وڃائي ويٺو آهي ۽ آئيني ادارن تي حملا ڪري رهيو آهي، عمران خلاف سازش نه پر عوام سندس خلاف ٿيو، عمران پنهنجي ڀيٽ شهيد ذوالفقار ڀٽو سان نه ڪري، پيپلزپارٽي ملڪ ۽ آئين لاءِ جانين جا نذرانا ڏنا آهن.

عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان کي ملڪ جي سنجيده سياسي پارٽين آئيني طريقي سان اقتدار کان ٻاهر ڪيو، عمران خان اقتدار کان ٻاهر ٿيڻ بعد هوش حواس وڃائي ويٺو آهي.

هن چيو ته عمران خان ملڪ جي آئيني ادارن تي حملو ڪري رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي ماتحت نه ڪري سگهيو ته هاڻ اليڪشن ڪميشن تي الزام لڳائي رهيو آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي جمهوري حڪومت ۽ سياسي جماعتون آئيني ادارن سان گڏ بيٺل آهن، ملڪ جي آئيني ادارن تي حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته عمران خان خلاف سازش نه پر عوام سندس خلاف ٿيو آهي، عمران خان نفرت جي سياست بجاءِ هاڻ اليڪشن جو انتظار ڪري، عمران پنهنجي ڀيٽ شهيد ذوالفقار ڀٽو سان نه ڪري، پيپلزپارٽي ملڪ ۽ آئين لاءِ جانين جا نذرانا ڏنا آهن.

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلزپارٽي پاڪستان جي آئين ۽ جمهوريت خاطر اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.

وڌيڪ پڙهو: