تازه خبرون

سنڌ

October 2, 2021 8:37 pm

علم پرايو سنڌ سنواريو، سنڌي ميڊيا پاران ايڪتا ڏهاڙو 5 ڊسمبر تي ملهائڻ جو اعلان

سنڌي ميڊيا علم پرايو سنڌ سنواريو جي سري هيٺ 5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ واسين کي قومي ڪاڄ ۾ ڀرپور شرڪت جو سڏ، ريليون، سيمينار، ويهڪون، مچ ڪچهريون منعقد ڪيون وينديون. ڪي ٽي اين نيوز جي هيڊ آفيس ۾ سنڌي ميڊيا جي اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ڪي ٽي اين جي سي اي او محمد اطهر قاضي جي شرڪت.

مهراڻ ٽي وي جو سرواڻ غلام نبي مورائي ۽ سنڌ ٽي وي جو ايم ڊي اجيت ڪمار آهوجا به شريڪ، آواز ٽي وي جو سي اي او فيض بروهي ۽ ڌرتي ٽي وي جي ايم ڊي اظهر سهاڳ به گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايڪتا ڏهاڙو علم پرايو سنڌ سنواريو جي سري هيٺ سموري سنڌ ۾ ڀرپور انداز ۾ ملهايو ويندو.

گڏجاڻي ۾ سموري سنڌ واسين کي 5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو سڏ ڏنو ويو.

وڌيڪ پڙهو: