سنڌ

November 26, 2021 1:13 pm

عدالت ۾ سياست ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، توهان نڪري وڃو نه ته توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪنداسين : چيف جسٽس

سپريم ڪورٽ ۾ نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جماعت اسلامي ڪراچي جو امير حافظ نعيم الرحمان به پيش ٿي ٽاور کي نه ڪيرائڻ جي استدعا ڪئي،

چيف جسٽس جي ڇنڊ، حافظ نعيم الرحمان چيو ته متاثرن کي معاوضو ڏيارڻ کانسواءِ عدالت عمارت ڪيئن ٿي ڪيرائي سگهي،

چيف جسٽس حافظ نعيم کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته عدالت ۾ سياست ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، توهان نڪري وڃو نه ته توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪنداسين،

عدالت ٻاهران ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته متاثرن لاءِ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي چيو ويو ته توهين عدالت جي ڪارروائي هلائي ويندي، متاثرن کي معاوضو ملڻ گهرجي..

وڌيڪ پڙهو: