چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته عدالتن ۾ اچڻ جي بجاءِ سياسي اڳواڻن کي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري جي نااهلي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
فواد چوڌري جي وڪيل درخواست عدم تعمير تي خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏنا ته عدالتن ۾ اچڻ جي بجاءِ سياسي اڳواڻن کي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ گهرجي. عدالت کي چونڊيل نمائندن جي اهڙن معاملن ۾ ڇو پوڻ گهرجي؟ هي پارليامينٽ جو معاملو آهي. هتي پهريان ئي تمام گهڻا ڪيس آهن. ٻيا فورم به موجود آهن. پارليامينٽ پنهنجو احتساب پاڻ ڪري. عدالت ان ڪيسز جي ميرٽس تي نه ويندي. پهريان ٻڌڻ جوڳا هجڻ تي دليل ڏيو. هاڻ عدالت هميشه جي لاءِ ان پٽيشنر جو فيصلو ڪرڻ چاهي ٿي. ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس ۾ وڌيڪ التوا نه ڏنو ويندو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانوني نڪتي تي مدد طلب ڪندي حڪم ڏنو ته عدالت چونڊيل نمائندن جي نااهلي بابت ڪيس ڇو ٻڌي. وڪيل مدد ڪن. آرٽيڪل 199 جي تحت عدالت کي ڇو هن پٽيشنر کي ٻڌڻ گهرجي. هي عوامي نمائندا آهن هنن جو پنهنجو احتسابي نظام هجڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.