پاڪستان

October 29, 2021 11:02 am

عبدالقدوس بزنجو اڄ بلوچستان جي نئين وڏي وزير جي عهدي جو قسم کڻندو

بلوچستان عوامي پارٽي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو اسپيڪر عبدالقدوس بزنجو اڄ بلوچستان جي نئين وڏي وزير جي عهدي جو قسم کڻندو.

گورنر هائوس جي ترجمان مطابق  بلوچستان جي وڏي وزير  کي قسم کڻائڻ واري تقريب شام جو چئين وڳي ٿيندي.

بلوچستان جو گورنر  سيد ظهور آغا، نئين وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو  کان حلف کڻائيندو.

نئون وڏو وزير بلوچستان اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪندو.

عبدالقدوس بزنجو کي 33 ميمبرن جي حمايت گهربل آهي،پر هو 40 ميمبرن  جي حمايت حاصل ڪري چڪو آهي..

وڌيڪ پڙهو: