مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين مفتي منيب الرحمان، پير پاڳارا ۽ جيد علماءِ مشائخ گڏيل پڌرائي جاري ڪري نور الحق قادري ۽ شيخ رشيد کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پاران گذريل تحريري معاهدن تان دستبردار ٿيڻ کانپوءِ ڪو نئون تحريري معاهدو نه ٿيندو.
بيان ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سمورين ڪوڙن ايف آءِ آرز کي واپس ورتو وڃي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سموري قيادت کي غير مشروط طور تي آزاد ڪري ان جي ڪارڪنن کي پيش ڪيو وڃي.
عالمن ۽ بزرگن گڏيل پڌرائي جاري ڪري وزيرن نورالحق قادري ۽ شيخ رشيد کي عهدن تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جيڪي اڳوڻين لکت ۾ ٿيل معاهدن کان انڪار ڪري چڪا آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪوئيٽا سانحي جي شهيدن جي وارثن ۽ زخمين جي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ تحريڪ لبيڪ تي لڳل پابندي فوري طور ختم ڪئي وڃي.