بين الاقوامي

October 13, 2021 6:16 pm

طالبان حڪومت ڪابل جي مشهور بش بازار جو نالو تبديل ڪري ڇڏيو

افغانستان ۾ اقتدار ۾ آيل طالبان حڪومت ڪابل جي مشهور ’بش بازار‘ جو نالو تبديل ڪري ڏيو.

بازار 2001 ۾ افغانستان تي آمريڪي حملي کان پوءِ قائم ڪيو ويو ۽ ان جو نالو ”بش بازار“ ان وقت جي آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش جي نالي تي رکيو ويو.

افغان ميڊيا جي رپورٽن مطابق ، طالبان ھاڻي بازار جو نالو بدلائي ’مجاھدين بازار‘ رکيو آهي ۽ ھڪ نئون بينر بازار جي دروازي تي لڳايو آھي.

ان کان اڳ ، طالبان ڪابل ايئرپورٽ ۽ ڪابل يونيورسٽي جو نالو تبديل ڪري چڪا آهن.

وڌيڪ پڙهو: