سنڌ

April 2, 2022 6:37 pm

صوبي ۽ شهر جي بهتري لاءِ ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪيو آهي،وڏي وزير مراد علي شاهه

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبي ۽ شهر جي بهتري لاءِ ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪيو آهي، متحده سان هر ملاقات ۾ ويٺا آهيون پر سنڌ اندر انتظامي يونٽ جي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته آئين ۾ لکيل آهي ته نوان انتظامي يونٽ ٺهي سگهن ٿا، پنجاب ۾ به نون يونٽن تي ڪم هلي رهيو آهي، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ به اهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته ناظم جوکئي جا وارث پاڻ ڪيس تان هٿ کڻي ويا، وارثن جي چوڻ تي جاچ آفيسر تبديل ڪيا، هڪ ايم پي اي اڃا تائين جيل ۾ قيد آهي.

سندس چوڻ هو ته ڄام عبدالڪريم عدالت مان ضمانت ڪرائي آهي، سنڌ هائوس واقعي کانپوءِ اهڙا واقعا ٿيڻ جو خدشو هو، جنهن سبب ڪجهه ماڻهو کيس وٺڻ ويا.

وڏي وزير چيو ته جعلي ڊوميسائيل معاملي تي ايم ڪيو ايم ۽ اسان جا خدشا هئا، جنهن بعد ڪميٽي جوڙي ويندي، سنڌ ۾ مڪاني چونڊون مئي ۾ ٿينديون، گڏجي چونڊ نه وڙهنداسين.

 

وڏي وزير مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته وفاقي حڪومت آئين ۽ ملڪي سلامتيءَ کي داءَ تي لڳائي رهي آهي، آئين ۽ ملڪي سلامتي اسان لاءِ پهرين ترجيح آهي، عثمان بوزدار استعيفيٰ ڏني ته ٻئي ڏينهن اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس 14 ڏينهن ۾ گهرائڻو هو پر دير ڪئي وئي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته اتحادين پاران ساٿ ڇڏڻ واري ڏينهن ئي عمران خان جي راند ختم ٿي وئي، هڪ وفاقي وزير اسٽبلشمينٽ کي مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي، توهان 1973 واري آئين تحت حلف کنيو، ان تحت ئي هلڻو آهي، عمران خان جڏهن پيدا ٿيو، تڏهن کان غلطيون ڪندو پيو اچي.

وڌيڪ پڙهو: