پاڪستان

تازه خبرون

November 14, 2021 7:09 pm

صرف کاڌا پچائڻ لاءِ گئس شيڊول تيار

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کي رڳو پچائڻ لاءِ گيس ملندي، باقي وقت گئس بند هوندي ۽ چلهيون ٿڌيون رهنديون.

پيٽروليم واري وزارت ۽ سوئي ناردرن گئس ڪمپني گئس جي فراهمي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ۽ گيس ڪمپنين واري وزارت گئس جو نئون شيڊول تيار ڪري ورتو آهي جنهن تحت 24 ڪلاڪن مان صرف چند ڪلاڪن لاءِ گئس ملندي.

سوئي ناردرن ڪمپني جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گهريلو صارفين کي صبح 5.30 وڳي کان 8.30 وڳي، 11.30 کان 2.00 وڳي ۽ شام 4 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گئس ملندي.

ذريعن موجب گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي جو شيڊول ڊسمبر کان فيبروري تائين لاڳو ڪيو ويندو.

لاهور چيمبر جي صدر نعمان ڪبير گئس جي فراهمي جي شيڊول کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته گئس جي فراهمي جي ناڪامي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪئي وڃي، گئس جي فراهمي نه ٿيڻ سان صنعتي هلچل بند ٿي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: