پاڪستان

October 14, 2021 2:34 pm

صدر عارف علوي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو.

صدر عارف علوي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي قيام جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو.

آرڊيننس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم رحمت اللعالمين اٿارٽي جو پيٽرن ان چيف هوندو.

آرڊيننس مطابق رحمت اللعالمين اٿارٽي چيئرمين ۽ 6 ميمبرز تي ٻڌل هوندي،اٿارٽي انصاف ۽ فلاحي رياست جو خواب حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ قدم کڻندي.

آرڊيننس جي متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اٿارٽي نوجوانن جي ڪردار سازي لاءِ سيرت نبوي صلعم ۽ حديث تي ريسرچ ڪندي،اٿارٽي سيرت نبوي صلعم کي نصاب جو حصو بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ماهرن سان مشاورت ڪندي..

وڌيڪ پڙهو: