اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت کي آصف زرداري تي سڀاڻي فرد جرم لاڳو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهيءَ ۾ بينچ آصف زرداري جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
آصف زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نيب کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شڪي ٽرانزيڪشن ريفرنس جي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
14 آڪٽوبر تي احتساب عدالت آصف علي زرداري جي بريت جي درخواست رد ڪندي سڀاڻي اٺ ارب رپين جي مشڪوڪ ڏيتي ليتي ريفرنس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ طلب ڪري ورتو هو..