پاڪستان

تازه خبرون

October 23, 2021 5:15 pm

شيخ رشيد جي صدارت هيٺ اهم اجلاس: ٽي ايل پي حوالي سان اهم فيصلن جا امڪان

وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اهم اجلاس ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ جي حوالي سان اهم فيصلن جو امڪان آهي.

رپورٽ موجب وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اهم اجلاس جاري آهي. پنجاب سيف سٽي اٿارٽي آفيس ۾ جاري اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزيرن به شرڪت ڪئي آهي.

اجلاس ۾ نورالحق قادري علي امين گنڊا پور، قانون وارو صوبائي وزير راجا بشارت، آءِ جي پنجاب ۽ ٻيا به موجود آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته گهرو وزير شيخ رشيد کي پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي مارچ جي حوالي سان بريفنگ ڏني پئي وڃي ۽ اجلاس ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي جي حوالي سان اهم فيصلن جو امڪان آهي.

وڌيڪ پڙهو: