پاڪستان

June 22, 2022 1:44 pm

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69هين سالگرهه

اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 69هين سالگرهه تي لاڙڪاڻي ۾ جلسي دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو، جنهن دوران جميل احمد سومرو پاران بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي پارائي اجرڪ اوڍايو.

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي 69هين سالگرهه جي موقعي تي پيپلز پارٽي پاران لاڙڪاڻي ۾ وڏو جلسو ڪيو ويو.

جلسي دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي نعرن جي گونج ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 69هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو.

ان کان اڳ اسٽيج تي بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو پ پ چيئرمين کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي پارائي ۽ اجرڪ اوڍايو، جنهن دوران سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني سميت ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا

وڌيڪ پڙهو: