پاڪستان جي مشهور اداڪار شهريار منور بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا سان گڏ تصوير ليڪ ٿيڻ تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.
شهريار منور تازو ئي فوجيا ميگزين کي هڪ انٽرويو ڏنو جنهن ۾ کانئس بالي ووڊ اداڪارا سان تصوير بابت پڇيو ويو.
شهريار منور چيو ته تصوير منهنجي پروفائيل تي رڳو 20 منٽن تائين ڏٺي هوندي، بعد ۾ مون ان کي هر هنڌ تان هٽائي ڇڏيو پر پوءِ به توهان هر جاءِ تان تصوير نه هٽائي سگهو.
اداڪارا تصوير هٽائڻ تي صحافين ۽ پي آر ڪمپني جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته اها حادثو ملاقات هئي، اسان اڍائي ڪلاڪ گڏ ڊنر تي گڏ هئاسين، مان نه ٿي چاهيو ته تصوير ٻاهر اچي پر اها ليڪ ٿي وئي.
شهريار جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو اهو هرگز نه ٿو چاهي ڇو ته هن تصوير سان مون کي به تڪليف ٿي سگهي ٿي ۽ دپيڪا به.
ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ شهريار منور جي دپيڪا پڊوڪون سان دبئي ۾ ملاقات جي تصوير وائرل ٿي هئي، جنهن کانپوءِ افواهون هيون ته ٻئي اداڪار جلد ئي ڪنهن پروجيڪٽ ۾ نظر ايندا.